لاکو شيخ قبرستان

لاکو شيخ قبرستان

شيخ لاکو قبرستان

شيخ، لاکو قبرستان (ملير): ڪراچيءَ جو هي مشهور گهاڙين وارو قبرستان ضلعي ملير جي ديهه کرکرو ۾ ملير ڪينٽ جي اتر ۾ آهي. انهيءَ قبرستان ۾ اٽڪل چار گهاڙيون آهن. اهي سڀئي گهاڙيون 16هين صدي عيسوي جي شروعات کان 17هين صدي عيسويءَ جون آهن. انهيءَ قبرستان ۾ هڪ مقبرو ڊٺل حالت ۾ موجود آهن. اهو قبرستان چئن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ پٿرائين ڇٽي ڊٺل حالت ۾ آهي. اها ڇٽي به اهڙي ئي آهي، جهڙيون ڇٽيون چوڪنڊي قبرستان ڪراچيءَ ۾ موجود آهن. انهيءَ قبرستان ۾ هڪ ماڙ کان وٺي ڇهه ماڙ تائين به گهڙيل قبرون (يا گهاڙيون) موجود آهن. اهڙين قبرن تي نه سن ڏنل آهي نه وري ڪتبو، جنهن مان معلوم ٿي سگهي ته مقبري نشين ڪير آهي ۽ ڪڏهن جو دفن ٿيل آهي. اندازو آهي ته گهڻ ماڙ قبرون 17هين عيسويءَ جون آهن. قبرن تي اڪر جو عاليشان ڪم ٿيل آهي. اڪر جي ڪم ۾ گهڻو ڪم مختلف چٽن جو آهي. ڪٿي ڪٿي ڪو ساهدار جانور به اڪيريل آهي. تري کان آخر تائين هڪ جنساري سلسلو آهي، جيڪو مٿئين ماڙ جي مهري تائين هلي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو